پاڪستان جي محمد آصف سارڪ سنوڪر چيمپيئن شپ کٽي ورتي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ايمچورا سنوڪر جي ورلڊ چيمپيئن محمد آصف ٽئين سارڪ اسنوڪر چيمپيئن شپ کٽي ورتي.
ڪولمبو ۾ ٿيل فائنل ۾ آصف سری لنڪا جي پليئر طحه عشراٿ کي بنا ڪنهن فريم ڊراپ جي شڪست ڏني.
ڪولمبو جي مورس اسنوڪر ڪلب ۾ کيڏيل فائنل مقابلي محمد آصف پنهنجي بالادستي جو مظاهرو ڪندي فريم ڊراپ ڪرڻ بنا 0-5 تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
آصف جي ڪاميابي جو اسڪور 3-99، 46-73، 38-58، 6-109 ۽ 0-74 رهيو.
محمد آصف گذريل سال ورلڊ چيمپيئن شپ پڻ کٽي هئي، هو 2019 ۽ 2012 جو ورلڊ چيمپيئن پڻ رهيو آهن.
سارڪ سنوڪر چيمپيئن شپ سندس ڪيريئر جو مجموعي طور تي اٺون ٽائيٽل آهي.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري محمد آصف کي ٽِين سارڪ سنوڪر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني.
هن چيو ته محمد آصف فائنل سميت سموري ايونٽ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ سنوڪر جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.