اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستاني پاسپورٽ گهڻو ڪري دنيا جي ڪمزور ترين پاسپورٽن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، پر اڃا تائين ڪجهه ملڪن پاڪستاني شهرين لاءِ ويزا فري قيام جي سهولت فراهم ڪئي آهي.
هينلي اينڊ پارٽنرز طرفان جنوري کان جون 2025ع تائين دنيا جي پاسپورٽن جي طاقت بابت جاري ڪيل فهرست موجب، پاڪستاني پاسپورٽ کي 33 ملڪن ۾ ويزا فري رسائي حاصل آهي.
فهرست موجب ويزا فري رسائي کي ٽن ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ويو آهي:
حقيقي ويزا فري سفر، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي اڳواٽ انتظام جي ضرورت ناهي.
ويزا آن ارائيول، جنهن ۾ ملڪ پهچڻ تي ويزا حاصل ٿئي.
اليڪٽرانڪ ٽريول اٿارٽي (ايِ ٽي اي)، جنهن لاءِ آن لائين اجازت گهربل آهي.
فهرست موجب، 12 ملڪ اهڙا آهن جتي پاڪستاني شهرين کي ويزا کانسواءِ وڃڻ جي اجازت آهي، ها پر سفر لاءِ پاسپورٽ هجڻ لازمي آهي.
ويزا فري ملڪن جي فهرست
1. بارباڊوس
2. ڪڪ ٻيٽ
3. ڊومينيڪا
4. هيٽي
5. مڊغاسڪر
6. مائيڪرونيشيا
7. مانٽسريٽ
8. نيووي
9. روانڊا
10. سينٽ ونسنٽ اينڊ دي گرينڊينز
11. ٽرينڊاد اينڊ ٽوباگو
12. وانواٽو