ايم ڊي ڪيٽ ختم ڪرڻ ۽ يونيورسٽين کي پاڻمرادو داخلائن جي اجازت ڏيڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي صحت بابت ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار ايم ڊي ڪيٽ ختم ڪرڻ ۽ يونيورسٽين کي داخلائن جي اجازت ڏيڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، جتي وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر براءِ صحت ڊاڪٽر ملڪ مختار ميڊيڪل يونيورسٽين لاءِ گڏيل داخلا ٽيسٽ ايم ڊي ڪيٽ ختم ڪرڻ ۽ يونيورسٽين کي پاڻمرادو داخلائن جي اجازت ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي.
ڊاڪٽر ملڪ مختار جو چوڻ هو ته صوبي جي ميڊيڪل يونيورسٽيون ايم ڊي ڪيٽ جي رجسٽريشن پاڻ ڪن ۽ پي ايم ڊي سي رڳو نيشنل لائسنسنگ امتحان وٺي ڊاڪٽرن کي لائسنس جاري ڪري.
ڪميٽي جي اجلاس ۾ ميمبرن تجويز ڏني ته سپليمينٽري ۽ امپروومينٽ وارن شاگردن کي هن سال ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ داخلا نه ڏني وڃي.
ان کانسواءِ اهو معاملو پي ايم ڊي سي ڏانهن موڪلڻ ۽ شاگردن کي صرف پنهنجي صوبي جي ايم ڊي ڪيٽ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز به سامهون آئي.
واضح رهي ته سال 2024 جي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ مبينا طور تي وڏي پئماني تي بي ضابطگيون سامهون آيون هيون، جنهن سبب ڪيترائي خدشا پيدا ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.