ميلبورن (ويب ڊيسڪ) 24 ڀيرا گرينڊ سلم چيمپيئن رهندڙ نواڪ جڪووِچ ميلبورن جي هوٽل ۾ 2022ع ۾ زهر ڏيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.
ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووِچ هڪ انٽرويو دوران دعويٰ ڪئي آهي ته 2022ع ۾ آسٽريليا جي شهر ميلبورن جي هڪ هوٽل ۾ کيس زهر ڏنو ويو هو.
واضح رهي ته 2022ع ۾ آسٽريلوي اختيارين جوڪووچ کي آسٽريلين اوپن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني هئي. وئڪسين واري معاملي تي غلط دستاويز پيش ڪرڻ سبب سندس ويزا رد ڪئي وئي هئي ۽ کيس ڊيپورٽ ڪيو ويو هو، ٽينس اسٽار کي تحويل دوران ميلبورن جي هڪ هوٽل ۾ رکيو ويو هو.
نواڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته سربيا واپسي تي هن کي صحت جا مسئلا پيش آيا ۽ محسوس ڪيو ته ميلبورن هوٽل ۾ زهريلي خوراڪ ڏني وئي هئي.
سندس چوڻ هو ته ” مون ان حوالي سان عوامي سطح تي ڪنهن کي ڪجهه نه ٻڌايو، پر ٽيسٽ ڪرائڻ کانپوءِ پتو پيو ته منهنجي جسم ۾ وڏي مقدار ۾ زهريلي مادو موجود آهي، جيڪو مان سمجهان ٿو ته خوراڪ جي ڪري ئي ٿيو.
جوڪووچ وڌيڪ چيو ته ”معاملو عام فلو کان شروع ٿيو، پر پوءِ منهنجي حالت خراب ٿيندي وئي، ٽيسٽن کانپوءِ اِهو سڀ انڪشاف ٿيو“
ياد رهي ته نواڪ جوڪووچ کي ڪووڊ وئڪسين نه لڳائڻ سبب يو ايس اوپن نه کيڏي سگهيو هو، ان کانپوءِ هن ايندڙ سال آسٽريلين اوپن ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻي هئي.
You might also like