پي سي بي 2024ع لاءِ هال آف فيم ڪرڪيٽرز جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 2024ع لاءِ هال آف فيم ۾ شامل ڪرڪيٽرز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي ڪپتان مشتاق محمد، انضمام الحق، سعيد انور ۽ مصباح الحق کي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، چارئي ڪرڪيٽر ماضيءِ ۾ پاڪستان لاءِ يادگار ڪارناما انجام ڏئي چڪا آهن.
پي سي بي اڳ ئي 10 ڪرڪيٽرز کي هال آف فيم جو حصو بڻائي چڪو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڪرڪيٽرز اسان جا سفير آهن ۽ پي سي بي کي کين اهو اعزاز ڏيڻ تي فخر آهي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته اهي چارئي رانديگر پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ خاص حيثيت رکن ٿا.
هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرز انهن عظيم رانديگرن جي نقش قدم تي هلندا.
پاڪستان جي خوش قسمتي آهي جو هن اهڙا غير معمولي رانديگر پيدا ڪيا، جن عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.