ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر يوزويندر چاهل جي زال ڪوريوگرافر ڌناشري ورما مڙس کان عليحدگي وارين خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
يوزويندر چاهل ۽ ڌناشري جي طلاق جون خبرون ڪيترن ئي ڏينهن کان گردش ڪري رهيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جوڙي هڪٻئي کي انسٽاگرام تي ان فالو ڪري تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون هيون.
جوڙي جي اهڙي عمل سندن علحيدگي وارين خبرن کي وڌيڪ هوا ڏني، جڏهن ته ڪرڪيٽر طرفان انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل اسٽوريز پڻ ڪيئي سوالن کي جنم ڏنو .
پر هاڻي ڌناشري ورما پنهنجي مڙس کان عليحدگي وارين افواهن تي خاموشي ٽوڙيندي آن لائين ٽرولرز طرفان سندس ڪردار تي آڱريون کڻڻ تي ڇتي تنقيد ڪئي.
پنهنجي انسٽا اسٽوري نوٽ ۾ ڌناشري لکيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن هن لاءِ ۽ سندس ڪٽنب لاءِ انتهائي مشڪل رهيا، سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ اِهي پوسٽون آهن جيڪي حقيقتن جي ابتڙ آهن، ٽرولنگ ذريعي هن جي توهين ڪئي وئي.
هن چيو ته پنهنجو نالو ۽ ساک ٺاهڻ لاءِ ڪيئي ورهيه محنت ڪئي، منهنجي چپ ڪمزوري جي علامت نه پر طاقت جي نشاني آهي، سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي ناڪاري شيون سولائيءَ سان وائرل ٿينديون آهن.
ڌناشري پنهنجي نوٽ جي آخر ۾ لکيو ته ” سچ کي ڪنهن به وضاحت جي ضرورت ناهي هوندي.“
ياد رهي ته ڌناشري جنهن هڪ ڊينٽسٽ کان ڊانسر ۽ ڪوريوگرافر جو سفر طئي ڪيو مشهور ريئلٽي شو ” جهلڪ دکلاجا “ ۾ حصو ورتو هو، هن ڪرڪيٽر يوزويندر چاهل سان آگسٽ 2020ع ۾ مڱڻو ۽ ڊسمبر 2020 ۾ شادي ڪئي .
Prev Post
Next Post
You might also like