ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهراهه نور جهان ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 60 هزارن جي قبر وڪرو ڪرڻ تي گورڪن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس ڊائريڪٽر قبرستان سان گڏجي ڪارروائي ڪندي 60 هزارن جي قبر وڪرو ڪرڻ تي گورڪن سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مهانگي قبر وڪرو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪارروائي ڪئي، گورڪن سميت ٻن ڄڻن کي ٿاڻي منتقل ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته بلديه عظميٰ ڪراچي جي قبرستانن ۾ ڪي ايم سي جي قانونن ۽ مقرر اگهه تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like