پوليس ۾ هزارين مرد ۽ عورت ڪانسٽيبلز جي ڀرتي جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس ۾ 6 هزار مرد ۽ عورت ڪانسٽيبلز جي ڀرتي جو اعلان ڪندي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.
ڀرتين لاءِ آن لائن فارم 11 کان 25 جنوري تائين پنجاب پوليس جي ويب سائيٽ تي ڀري سگهبا، اميدوار پنهنجو فارم لاڳاپيل ضلعن ۾ 300 رپيا سروس چارجز سان جمع ڪرائيندا.
اميدوار پنجاب صوبي، لاڳاپيل ضلعي جو رهواسي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي طور هجڻ گهرجي، مرد اميدوار جو قد 5 فوٽ 7 انچ ۽ عورت جو 5 فوٽ 2 انچ هجڻ گهرجي.
ڀرتي جي خواهشمند اميدوار جي عمر جي حد 18 کان 25 سال آهي، جڏهن ته اميدوار جا سيڪنڊري بورڊ ۾ 50 سيڪڙو نمبر لازمي هجڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.