لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شادمان ٿاڻي ٻاهران ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد ۽ صنم جاويد سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل ۾ 9 مئي بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي، ياسمين راشيد، محمود الرشيد، عمر سرفراز چيما سميت ٻين کي عدالت جي روبرو پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ضمانت تي آزاد جوابدار به جيل ۾ قائم عدالتي ڪمري ۾ پيش ٿيا.
عدالت جوابدارن جي حاضري مڪمل ڪندي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪندي ڪارروائي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت وڌيڪ 4 ڪيسن ۾ جوابدارن جي حاضري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
You might also like