اسپيڊ اسٽار محمد حسنين سان بِگ بيش فرنچائز سڊني ٿنڊر جو معاهدو

سڊني (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جو فاسٽ بالر محمد حسنين هڪ ڀيرو ٻيهر آسٽريلوي ليگ ” بيگ بيش“ جوحصو بڻي ويو.
ڪيوي فاسٽ بالر لوڪي فرگوسن ۽ شرفين ردرفورڊ آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ شرڪت لاءِ بيگ بيش جي باقي ميچن تان هٿ کڻي ورتو آهي.
بيگ بيش فرنچائز سڊني ٿنڊر اوورسيز پليسمينٽ طور ليگ جي باقي ميچن محمد حسنين سان معاهدو ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته محمد حسنين ان کان اڳ به بگ بيش سيزن 2021-22ع ۾ سڊني ٿنڊرز جو حصو رهي چڪوآهي.
ياد رهي ته سڊني ٿنڊرز جي ئي نماندگي ڪندي محمد حسنين جو بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيو هو، فاسٽ بالر ايڪشن ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو بي بي ايل ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.