صائم ايوب جي انجري بابت اهم اَپ ڊيٽ جاري

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر صائم ايوب جي انجري بابت اهم اَپ ڊيٽ سامهون آئي آهي.
صائم ايوب جي انجريءَ جي حوالي سان لنڊن ۾ قائم هارلي ڪلينڪ جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نوجوان اوپنر جي انجري جي صورتحال پهريان کان بهتر آهي.
ان ڏس ۾ صائم ايوب جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل رپورٽ اچي وئي آهي، ڊاڪٽرن انجري جي صورتحال بهتر قرار ڏنو آهي ۽ هاڻي وزن کڻي سگهان ٿو.
صائم ايوب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود سان گڏ هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ پهتو.
گذريل ڏينهن به پير ۽ کڙي جي ماهرن سرجن جياسيلان سندس معائنو ڪيو هو.
اظهر محمود جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته بيٽر جي صحت بابت هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، جيڪا به رپورٽ آهي ميڊيڪل پئنل ڏانهن اُماڻي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.