پريانڪا چوپڙا آسڪر لاءِ نامزد

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) جڳ مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي ايگزيڪٽيو پروڊيوسر طور مختصر فلم ” انوجا“ آسڪر جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پريانڪا چوپڙا جي مختصر فلم ” انوجا “ کي مارچ ۾ ٿيندڙ آسڪر ايوارڊز جي نامزدگين ۾ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي.
اِها فلم ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ فلمائي وئي آهي، جنهن جي ڪهاڻي ننڍي عمر واري ڇوڪري انوجا جي چوڌاري ڦري ٿي.
فلم ۾ ٻارن جي پورهئي ۽ تعليم سان لاڳاپيل مسئلن تي ويچاريو ويو آهي، اِها فلم ان کان اڳ شارٽ فلم فيسٽيول ۾ لائيو ايڪشن شارٽ ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، فلم جو هدايتڪار ايڊم جَي گريو آهي جڏهن ته ساچيترا مٽائي ان کي پروڊيوس ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.