عمان (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، پي ٽي آءِ باني عمران خان، نوبل انعام يافتا ملاله يوسفزئي، مذهبي عالم مفتي تقي عثماني ۽ ٻين ڪيترن ئي پاڪستانين کي 2025 جي 500 بااثر ترين مسلمانن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پهريون ڀيرو 2009 ۾ شايع ٿيندڙ ”دي مسلم 500“ دنيا جي 500 بااثر ترين مسلمانن جي هڪ سالياني اشاعت آهي، جيڪا دنيا جي بااثر ترين مسلمانن جي درجابندي ڪندي آهي.
ان فهرست ۾ شرمين عبيد چئائي، عابدا پروين، اويس قادري ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي به شامل آهن.
ان کي عمان، اردن ۾ رائل اسلامڪ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز سينٽر ترتيب ڏنو آهي.
Prev Post
You might also like