چيمپيئنز ٽرافي: ٽيمن جي آمد، وارم اَپ ميچون، شيڊيول ۽ اُهو سڀ جيڪو اوهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيبروري 2025 پاڪستان سميت سموري دنيا جي ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ دلچسپ ۽ جذباتي لمحن سان ڀرپور هوندو، جتي ڪرڪيٽ جا عالمي ستارا چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا.
چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي ٽيمون فيبروري جي پهرئين هفتي کان پاڪستان پهچنديون، جڏهن ته ٽورنامينٽ جون وارم اَپ ميچون 12 کان 18 فيبروري تائين کيڏيون وينديون.
آءِ سي سي 8 ٽيمن جون پريڪٽس ميچون 12 کان 18 فيبروري تائين ڪرائيندي، ميچون لاهور، ڪراچي، راولپنڊي ۽ دبئي ۾ ٿينديون.
ذريعن موجب، ٽه ملڪي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمون فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان پهچي وينديون.
آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون ڏهه فيبروري کانپوءِ لاهور پهچنديون، افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم فيبروري جي ٻئي هفتي ڪراچي لينڊ ڪندي.
آءِ سي سي هر ٽيم کي ٻه آپشنل پريڪٽس ميچون ڏنيون ويون آهن، وارم اَپ ميچون کيڏڻ يا نه کيڏڻ بابت ٽيمون آءِ سي سي کي آگاهه ڪنديون جڏهن ته چيمپيئنز ٽرافي جا مقابلا 19 فيبروري کان شروع ٿيندا.
چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول
ٽورمانيٽ جي افتتاحي ميچ 19 فيبروري تي ميزبان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
بنگلاديش ۽ ڀارت جون ٽيمون 20 فيبروري تي دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون، 21 فيبروري تي افغانستان ڏکڻ آفريڪا سان ڪراچيءَ ۾ مهاڏو اٽڪائيندو.
ٽورنامينٽ ۾ روايتي مخالف آسٽريليا ۽ انگلينڊ جو مقابلو 22 فيبروري تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.
ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي دبئي ۾ کيڏيو ويندو، 24 فيبروري تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش جو نيوزيلينڊ سان ٽاڪرو ٿيندو .
آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا خلاف 25 فيبروري تي ميدان تي لهندو، 26 فيبروري تي افغانستان ۽ انگلينڊ جي ميچ شيڊيول آهي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون 27 فيبروري تي آمهون سامهون هونديون، 28 فيبروري تي افغانستان جو آسٽريليا سان مقابلو ٿيندو.
ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ جو دنگل پهرين مارچ تي رٿيل آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ ڀارت 2 مارچ تي دوبدو ٿيندا.
جيڪڏهن ڀارت سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ته 4 مارچ تي ٽورنامنيٽ جو پهريون سيمي فائنل دبئي ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.
ڀارت جي فائنل ۾ پهچڻ جي صورت ۾ چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل به دبئي ۾ ئي ٿيندو پر جيڪڏهن ڀارت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو ته 9 مارچ تي قذافي اسٽيڊيم۾ ٽورنامينٽ جون ٻه بهترين ٽيمون ٽرافي لاءِ آخري ويڙهه وڙهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.