روم (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ اٽلي جي ننڍي ڳوٺ بيلاڪاسٽرو جي ميئر انتونيو ٽورچيا پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن تي هڪ عجيب پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ميئر ڳوٺاڻن لاءِ هڪ حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ هن بيمار ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.
اٽلي جو اهو ڳوٺ غريب ترين علائقن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي ۽ اهو اعلان طبي سهولتن جي پيش مسئلن ۽ بحران سبب ڪيو ويو.
ميئر ڳوٺاڻن کي چيو آهي ته اهي اهڙي ڪم کان پاسو ڪن جنهن سان کين تڪليف پهچي، ڌڪ لڳي يا بيمار ٿيڻ جو خطرو هجي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ماڻهو وڌ کان وڌ گهرن ۾ رهن ۽ ڀرپور آرام کي ترجيح ڏين، ٻاهر وڃڻ، غير ضروري سفر ڪرڻ يا ڪنهن به راند جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪن.
ميئر پابندي جي وضاحت پيش ڪندي چيو ته اهو حڪم مقامي صحت جي سار سنڀال جي نظام ۾ خامين ۽ بحران ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جو هڪ اثرائتو طريقو آهي.
ان علائقي کي ڊگهي عرصي کان نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪارڻ منظم ڏوهه ۽ حڪومت جا ناقص انتظام آهن، علائقي ۾ صحت جون سهولتون اڻلڀ آهن ۽ اتي سال 2009 کان 19 اسپتالون بند آهن.
ميئر چيو ته بيلڪاسٽرو جي 1200 رهواسين مان اڌ جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي ۽ ڳوٺ جي سڀ کان ويجهي اسپتال به 30 ميل پري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان ڳوٺ ۾ ڪال ذريعي ايندڙ رڳو هڪ ڊاڪٽر موجود آهي پر اها سروس رات جي وقت، ويڪ اينڊ ۽ ٻين موڪلن دوران دستياب ناهي هوندي، يعني جيڪڏهن ڪو بيمار ٿئي ته ان کي 30 ميل جو سفر طئي ڪرڻو پوندو.
Next Post
You might also like