حج خواهشمندن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سرڪاري حج اسڪيم تحت 5 هزار وڌيڪ پانڌيئڙا حج جا فرض ادا ڪري سگهندا. مذهبي مامرن واري وزارت جي ذريعن موجب، سرڪاري حج اسڪيم تحت 81 هزار 500 حج درخواستون وصول ٿيون آهن.
ذريعن موجب، هاڻي باقي رهيل 5 هزار جي ڪوٽا تي درخواستون ورتيون وينديون ۽ وڌيڪ 5 هزار پانڌيئڙا حج جا فرض ادا ڪرڻ جو موقعو ملندو .
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري حج اسڪيم تحت حج درخواستن جي وصولي ايندڙ هفتي کان شروع ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، نئين حج درخواستن تي ڪڻا نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ” پهريان اچو، پهريان وٺو“جي بنياد تي تصديق ٿيل حج ٽڪيٽ ڏني ويندي.
ان کان کانسوا حج درخواستن جي وصولي لاءِ 5 ڏينهن مقرر ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.