مودي جو ڀارت عورتن لاءِ دنيا جو سڀ کان خطرناڪ ملڪ قرار، هر 16 منٽن ۾ هڪ ريپ!

ڀارت ۾ ”ريپ ڪلچر“ معاشرتي زوال جي عڪاسي ڪري ٿو، ان ڪلچر گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ ڀارتي عورتن جي سلامتي کي متاثر ڪيو آهي.
مودي جي ڀارت ۾ هر 16 منٽن ۾ هڪ عورت ريپ جو شڪار ٿيندي آهي پر بدقسمتي سان ڪيترائي ڏوهه پوليس جي رڪارڊ ۾ ناهن ايندا.
ٿامس رائيٽرز فائونڊيشن جي 2018 جي سروي موجب ڀارت کي عورتن لاءِ دنيا جو سڀ کان خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو ويو.
ڀارتي نيشنل ڪرائم رڪارڊ بيورو رپورٽ موجب 2022 ۾ ڀارت ۾ عورتن خلاف ڏوهن جا 445256 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، جن مان 31516 ڪيس جنسي تشدد جا هئا.
تازن سالن ۾ هر سال سراسري طور 30 هزار کان وڌيڪ ريپ جا واقعا رپورٽ ٿيا، نيشنل ڪرائم رڪارڊ بيورو موجب گذريل سالن ۾ سزا جي شرح رڳو 27-28 سيڪڙو هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.