اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي شاگردن جي فيس مقرر ڪرڻ جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي.
پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن کي شاگردن کان فيس وٺڻ کان روڪيندي چيو ته آهي ته سيشن 25-2024 ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کان فيس وصول نه ڪئي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ فيس مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڊپٽي وزيراعظم جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن جي حتمي سفارشن تائين فيس وصول نه ٿيندي.
ڊپٽي وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڪميٽي پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي، پي ايم ڊي سي ان حوالي سان سڀني لاڳاپيل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي خط لکي ڇڏيو آهي.
Next Post
You might also like