چيٽ جي پي ٽي جهڙو مقتول ترين اي آءِ چيٽ بوٽ تيار ڪندڙ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو سام الٽمين تي سندس ڀيڻ ننڍپڻ کان جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو سنگين الزام هڻي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سام آلٽمين جي ڀيڻ اين آلٽمين آمريڪي عدالت ۾ پنهنجي ڀاءُ خلاف هڪ ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته سام 1997 کان 2006 دوران باقاعدگي سان جنسي زيادتي ڪئي، زيادتي ان وقت شروع ٿي، جڏهن هوءَ ٽن سالن جي هئي ۽ سام 12 سالن جو هو.
اين آلٽمين دعويٰ ڪئي آهي ته ڀاءُ سندس سيڪچوئل گرومنگ ڪئي ۽ ڪيترن ئي سالن تائين جنسي استحصال ڪيو، جنهن سبب کيس جسماني ڌڪ لڳا ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي.
هوڏانهن سام آلٽمين ڀيڻ طرفان لڳايل الزامن جي ترديد ڪئي آهي.
هن ماءُ ۽ ٻن ڀائرن سان گڏ جاري ڪيل بيان ۾ ڀيڻ جي الزامن کي غلط قرار ڏيندي چيو ته هوءَ دماغي مسئلن جو شڪار آهي.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ڀيڻ جي مسواڙ ۽ بلن جي مد ۾ ماهوار مالي مدد ڪندو آهيان پر ان باوجود هوءَ وڌيڪ رقم جو مطالبو ڪري رهي آهي، ان صورتحال ۾ سڄو خاندان پريشان آهي.
Next Post
You might also like