سريلنڪا جي دوري لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان، سمٿ ڪپتان

ميلبورن (ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا سريلنڪا جي دوري لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جواعلان ڪري ڇڏيو.
سريلنڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ڪينگرو ڪپتان پيٽ ڪمنز ذاتي مصروفيتن سبب دستياب نه هوندو، سندس جاءِ ٽيم جي قيادت اسٽيو سمٿ کي سونپي وئي آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، آل رائونڊر مچل مارش کي ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوش هيز ووڊ انجري کانپوءِ ريڪوري واري مرحلي مان گذري رهيو آهي.
اسڪواڊ ۾ اسٽيو سمٿ ڪپان، ٽرويس هيڊ، مارنس لبيوشن، شان ايبٽ، اسڪاٽ بولينڊ ۽ ايلڪس ڪيري شامل آهن
ڪوپر ڪنولي، جوش اينگلس، عثمان خواجا، سيم ڪونسٽاس نيٿن ميڪسويني، ٽوڊ مرفي، مچل اسٽارڪ، بيو ويبسٽر ۽ ميٽ ڪوهنمين به اسڪواڊ جو حصو آهن.
سريلنڪا ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 29 جنوري ۽ ٻي ٽيسٽ 6 فيبروري کان گال ۾ شروٿع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.