زراعت کاتي جي 45 آفيسرن کي ترقي

ڪراچي (رپورٽر) زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر جي هدايت تي سيڪريٽري زراعت سهيل احمد قريشي زراعت کاتي  جي ريسرچ ونگ جي 5، ايڪسٽينشن ونگ جي 33 ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي 7 آفيسرن کي گريڊ 16 کان گريڊ 17 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سيڪريٽري زراعت سهيل احمد قريشي ايڪسٽينشن ونگ جي 33 آفيس اسسٽنٽ کي اسٽينوگرافر جي عهدي تي ترقي ڏني، مارڪيٽ ڪميٽي ونگ جي 5 آفيسرن کي سيڪريٽري مارڪيٽ ڪميٽي ۽ 2 آفيسرن کي آفيس سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تي ترقي ڏني، جڏهن ته ريسرچ ونگ جي 5 آفيسرن کي سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. سيڪريٽري زراعت چيو ته ترقيون ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو، ايندڙ مرحلي ۾ ٻين آفيسرن کي به ترقيون ملنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.