بدامني ۾ چونڊيل نمائندا ملوث آهن،پ پ سنڌ وڪڻي ڇڏيندي:راشد محمود

ڪنڌڪوٽ(ممتاز سنڌي+عرفان کوسو)ڪنڌڪوٽ  جي جامع دارالفيوض مدرسا ۾ دستار فضيلت ڪانفرنس جلسو ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر حافظ عطاءُالرحمان،جي يو آءِ سنڌ جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو،صوبائي امير عبدالقيوم هاليجوي،ضلعي اڳواڻ مفتي غلام الله نوناري،مولوي شمس الدين ڀيري،قاري شفيع محمد کوسو،مولوي عبدالعزيز سميجو،حافظ عرفان الله کوسو،مولوي عرفان علي کوسوپڻ جلسي کي خطاب ڪيو.راشد محمود سومرو جلسي ۽ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امن و امان جي خرابي ۾ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا چونڊيل نمائندا ملوث آهن.ضلعي جا چونڊيل نمائندا چاهين ته ضلعي جو امن و امان بحال ٿيندو.ڪنڌڪوٽ جو امن و امان ايترو ته خراب آ جو مغرب کان بعد ڪنڌڪوٽ جا ماڻهو شڪارپور ،ٺل،ڪشمور نه ٿا وڃي سگهن،هن چيو ته  هتي معصوم ٻار اغوا ٿي رهيا آهن 4 سالن جو رافع ملڪ ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي.عمران خان جو مستقبل هاڻي ڪجهه به ناهي صدر آصف زرداري چوي ٿو ته سنڌو درياءُ مٿان ڪينال ٺهڻ واري معاملي تي سنڌ جي عوام پريشان نه ٿئي.صدر پاڪستان اهو سنڌي عوام کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان جي هوندي اوهان پريشان نه ٿيو سنڌ جا وسيلا به وڪڻبا،ٻيٽ به وڪڻبا سنڌو درياهه به وڪڻبو،هن چيو ته سهيل انور سيال منهنجو ڀاءُ آهي پر مون کي اهو ڏک آهي ته ان مون کي موٽ نه ڏني مان 4 ڪلاڪ سندس  اوطاق تي ويٺو رهيس پر آءُ لاڙڪاڻي جي امن و امان جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندس. حافظ عطاءُالرحمان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جو ووٽ چورايو ويو آهي، اڳ ۾ به ملڪ انهن حڪمرانن جي نااهلي سبب  ٽٽو هو ۽ هاڻ به انهن حڪمرانن جي ڪري ملڪ ڪمزور حالتن مان گذري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.