ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڳڙهي خيرو ۾ جي يو آءِ جو مارچ، ڌرڻو

جيڪب آباد (حضور بخش سومرو) جي يو آءِ ۽ شھرين پاران سنڌو درياهه تي ڪينالن ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف مظاهرو مارچ ۽  ڌرڻو.خبر موجب جامعه شيراز ڳڙهي خيرو مان ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا سليم الله بروهي، حاجي محمد عباس بنگلاڻي،مولانا خالق داد پندراڻي،مولانا عبدالوحيد بروھي.اسدالله حيدري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪڍيو ويو.مظاھرين مختلف رستن تي مارچ ڪري سنڌ دشمن منصوبا نامنظور، ڪينال نامنظور،سنڌ سان ڏاڍ نامنظور جھڙا نعرا ھنيا بعد جامع مسجد چوڪ وٽ  خطاب ڪندي مقررن چيو ته نون ڪينال جي منظوري سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي ،ھڪ سازش تحت سنڌ سان زيادتيون ڪري احساس محرومي پيدا ڪئي وڃي ٿي، ھنن چيو ته سنڌ جي ھارين کي ساڳيون سھولتون ڏئي انھن کي وياج کان سواءِ پئسا ڏيئي زمينون ڏنيون وڃن ته اھي بھتر آبادگاري ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.