ڌاٻيجي (رپورٽ: مقصوداحمد جوکيو) ڌاٻيجي لڳ روڊ حادثي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. قومي شاهراھ تي ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڪار کي مڪمل طو باهه وڪوڙي ويئي جنهن ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. زخمين کي ڪراچي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. فوتين جي سڃاڻپ ٺٽي واسي شاهزين هڱورو سندس زال ياسمين ۽ 2 ڄڻن جي ڪراچي واسي امتياز ۽ اظهارالحسن ڪراچي واسي تي طور تي سڃاڻپ ٿي آهي. جڏهن ته زخمين ۾ موسيٰ ،سرور ڀٽي هڪ عورت شامل آهن. زخمين کي ڳڻتي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيا ويو امدادي ڪاروائي وقت سر نه ٿيڻ سبب زخمي روڊن تي تڙپندا رهيا. مسلسل ٢ ڪلاڪ ڪار کي لڳل باھ ٻرندي رهي، ان باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهچي سگهيو. يادر رهي ته پاڪستان جي هڪ وڏي اداري پاران سنڌ حڪومت پاران ٣٠ ورهين جي معاهدي تحت نيشنل هاءِ وي جي روڊ جي ٺيڪو ڏنو ويو آهي جيڪي هر مهيني مڪلي کان گهگهر تائين روڊ کي هڪ پاسي بند ڪري هڪ روڊ هلائين ٿا جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهين ڪيتريون قيمتون جانيون پڻ ضايع ٿي چڪيون آهين. ڌاٻيجي واقعي واري هنڌ تي ايس ايچ او مبين پرهياڙ سي آءِ اي ٺٽو انچارچ ممتاز علي بروهي ،ڊي ايس پي ساڪرو واجد ٿهيم ايس ايس پي ٺٽو عمران نيازي حادثي واري هنڌ تي پهچي ڪري جائزو ورتو ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو صحافين سان ڳالهيندي چيو ته ڏکوئيندڙ واقعي تي دلي صدمو پهتو آهي تحقيات لاء ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي غفلت ۽ لاپروهي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ايف ڊبليو او اهلڪارن سان رابطو ڪري روڊ جو جلد مرمتي ڪم ڪرائي روڊ کي هلرايو ويندو
ايف ڊبليو روڊ جو ڪم روڪي ڇڏيو، ٽن ڏينهن اندر 8 فوت
ڌاٻيجي: گذريل ڏينهن گجو ۾ هڪ معصوم نينگر نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو، ان ئي ڏينهن گهارو ويجهو ٿهيم ڳوٺ قومي شاهراھ تي نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ نينگر فوت ٿيو هو غريب آباد مارڪيٽ ويجهوسبزي کپائيندڙ هڪ پورهيت پڻ ڪار جي ٽڪر جي حادثي شڪار ٿي ويو ٽن ڏينهن اندر فوتين جو انگ لڳ ڀڳ ٨ ٿي ويو پر ان باوجود ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن سميت ايف ڊبليو او جي ڪنهن به عملدار ان جو نوٽس نه ورتو ۽ معصوم جانيون پڻ ٿينديون رهيون آهين هن وقت به مڪلي کان گهگهر تائين روڊ کي ايف ڊبليو او انتظاميا جڳھ جڳھ تي روڊ جي پنهي پاسن کان کڏا هڻي ڇڏيا آهين جنهن سبب ڊبل روڊ جو هڪ پاسو بند ڪيو ويو آهي اڻ واقف ڊرائيور پڻ حادثي جو شڪار ٿين ٿا.
واقعي تي صدمو پهتو، ايف ڊبليو او وارن سان رابطو ڪري ڪم شروع ڪرايو ويندو: ڊي سي
ڌاٻيجي:ڌاٻيجي واقعي واري هنڌ ايس ايس پي ٺٽو عمران نيازي، ايس ايچ او مبين پرهياڙ سي آئي ٺٽو انچارچ ممتاز علي بروهي ،ڊي ايس پي ساڪرو واجد ٿهيم ايس ايس پي ٺٽو عمران نيازي حادثي واري هنڌ تي پهچي ڪري جائزو ورتو انهي موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو صحافين سان ڳالهيندي چيو ته ڏکوئيندڙ واقعي تي دلي صدمو پهتو آهي تحقيات لاء ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي غفلت ۽ لاپروهي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ايف ڊبليو او اهلڪارن سان رابطو ڪري روڊ جو جلد مرمتي ڪم ڪرائي روڊ کي هلرايو ويندو