ميڪسيڪو جي ميوزيم ۾ رکيل نيتن ياهو جي مجسمي کي شهري ٽوڙي ڇڏيو

ميڪسيڪو سٽي ( م ڊ ) لاطيني آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو جي هڪ ميوزيم ۾ هڪ شخص اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي مجسمي کي هٿوڙن سان ٽوڙي ڇڏيو، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب ميڪسيڪو سٽي جي ويڪس ميوزيم ۾ نقاب پوش شخص هٿ ۾ هٿوڙي کڻي داخل ٿيو.رپورٽ موجب نقاب پوش شخص پهريان نتن ياهو جي  چهري تي ڳاڙهورنگ اڇلايو ۽ پوءِ هٿوڙي سان سندس چهرو ٽوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ مجسمي کي ڌڪو ڏئي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو، . نقاب پوش شخص پاڻ سان گڏ فلسطين جو جهنڊو به کڻي آيو. ان کان پوءِ نقاب پوش شخص ڪئميرا جي سامهون فلسطين زنده باد، سوڊان زنده باد، يمن زنده باد ۽ پورٽو ريڪو زنده باد جا نعرا هنيا ۽ اتان هليو ويو.

سپريم ڪورٽ بار ڇويهين آئيني ترميم چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري سلمان منصور 26هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري  جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ ججن جي انگ ۾ واڌ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون ۾ ترميم کي به ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جڊيشل ڪميشن کي ججن جي مقرري کان روڪڻ جا سمورا قدم، آئيني ترميم تحت مقررين ۽ ٻين سمورن قدمن کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آئيني ترميم بنيادي حقن ۽ عدليه جي آزادي جي اصولن سان سڌي ٽڪراءَ ۾ آهي، جڊيشل ڪميشن ۾ ايگزيڪيوٽو اڪثريت عدليه جي معاملن ۾ مداخلت آهي

پرڏيهه ۾ويٺل پي ٽي آءِ کي ڊالر ڪمائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن:شير افضل

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته پرڏيهي ملڪن ۾ ڪجهه ماڻهو پي ٽي آءِ کي ڊالر ڪمائڻ لاءِ استعمال ڪري  رهيا آهن.عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته ڳالهين لاءِ جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ضروري آهي، هاءِ ڪورٽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي ملاقات ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين جي ميز تي اچي لچڪ ڏيکاري آهي.هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو پي ٽي آءِ کي ڊالر ڪمائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، اهي غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن.هي بدبخت گمراهه ڪن پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. شير افضل مروت چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو پي ٽي آءِ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن، ڪجهه ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو ميڊيا ۽ صحافين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته جڏهن کان نئون سپرنٽينڊنٽ آيو آهي،ان ڏينهن کان عمران خان کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون ويون آهن.هن چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ مونکي پي ٽي آءِ جي باني سان ملڻ نه ڏنو، باني سان ملاقات نه ڪرڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف درخواست داخل ڪندس.

 هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل شهري جي بازيابي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ٽول پلازا وٽان گم ٿيل محمد اسماعيل جي بازيابيءَ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي اولهه ۽  ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتوآهي . ٻڌڻي دوران درخواستگذار چيو ته محمد اسماعيل نيو سبزي منڊي جو رهواسي آهي . درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 26آڪٽوبر تي پشاور ويندي ٽول پلازا کان گم ٿيو هو.محمد اسماعيل مسجد جو پيش امام آهي ۽ ٻارن کي قرآن جي تعليم ڏئي ٿو، درخواستگذار چيو ته محمد اسماعيل جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان ناهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گم ٿيل جو ڪو به ڪرمنل رڪارڊ ناهي .ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو .وڪيل چيو ته اسماعيل کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان به روڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.