شاهنواز ڪنڀر ڪيس:جاويد جسڪاڻي ۽ اسد چوڌري جي گرفتاري جو حڪم

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر سنڌڙي پوليس پاران جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ ۽ عمرڪوٽ ۾ سندس لاش کي ساڙڻ واري هاءِ پروفائيل ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي ڪيس جي جاچ رپورٽ ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي پاران جمع ڪرائي وئي عدالت پاران اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري جي عدم گرفتاري تي ناراضگي جو اظهار ڪندي کين گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ۽ قتل جي حوالي سان سنڌڙي پوليس ۽ ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ڌار ڌار ڪيسن جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيل ڪيس جو فيصلو نه اچڻ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي 14 جنوري تي ٻڌڻي هجڻ سبب ڪيس 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ واري واقعي جي ڪيس جي ٻڌڻي پڻ 21 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي ان حوالي سان فريادي ڌر جي وڪيل مير محمد مڱريو ٻڌايو ته ٻن ايف آءِ آر جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيل ڪيسن جو فيصلو نه اچڻ سبب ڪيس اڳتي وڌي نه سگھيو آهي جڏهن ته عدالت جي حُڪم جي باوجود ايف آءِ اي اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اسان ٻنهي جي گرفتاري لاءِ هڪ ڇاپو هنيو آهي اسان ايف آءِ جي جاچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ٻڌڻي تي پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته ضمانت تي آزاد جوابدار پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، ڪيس جي ٻڌڻي بعد جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري ۾ جيل نيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.