خانپور جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري، نينگر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

لکي غلام شاهه(رپورٽ: نديم جان مهر) خانپور ويجهو ڪچي واري علائقي ڏوهارين خلاف آپريشن جي چوٿين ڏينهن تي مارٽر گولو فائر ٿيڻ سبب هڪ نينگر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. پوليس پاران چئن ڏينهن  ۾ 4 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، شڪارپور پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن جي چوٿين ڏينهن تي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالحق بڊاڻي ويجهو هلندڙ آپريشن دوران مارٽر گولو فائر ٿيڻ سبب 12ورهين جو نينگر مصري پٽ علي حيدر بڊاڻي جتوئي ۽ باغ علي بڊاڻي مارجي ويا آهن مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش پوليس هٿ ڪري ناهي سگهي، جڏهن ته انتهائي اهم ذريعن تصديق ڪندي چيو آهي ته مارجي ويل باغ علي بڊاڻي مٿان پوليس مقابلن سميت مختلف ڏوهن جا ڪيس داخل هئڻ ڪري لاش پوليس کي ڏيڻ بدران پنهنجي علائقي ۾ دفن ڪيا ويا آهن،  هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پاران چئن ڏينهن جي آپريشن دوران 4 ڏوهاري مارجي وڃڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي جنهن م پوليس ظاهر ڪيو آهي ته اڳوڻي ايس ايڇ او ڪوٽ شاھو محبوب بروهي سميت سڄي عملي کي اغوا ڪري يرغمال بڻائڻ واري بڊاڻي گروپ خلاف انتهائي ڪامياب ڪارروائي ڪئي وئي آهي جنهن م 20 لک انعام يافته ڌاڙيل نادر علي بڊاڻي سميت 4 ڏوهاري مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.