ناياب سرڪش جي ميڙمنٿ، سيال ۽ عباسي خاندان ٺاهه لاءِ راضي

لاڙڪاڻو( ع آ نيوز) قوم پرست اڳواڻ ناياب سرڪش ميڙمنٿ ڪري لاڙڪاڻي ۾ وڏي جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو آهي، ناياب جي  ميڙمنٿ سبب ٻئي خاندان ذاتي اختلاف ختم ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن. قوم پرست اڳواڻ ناياب سرڪش قافلي سان پاڪ ڪتاب کڻي سيالن وٽ پهتي. ناياب سرڪش اتي موجود طارق سيال کي معظم عباسي وارن سان ذاتي جهيڙو ختم ڪرڻ جي منٿ ڪئي. هن چيو ته اوهان ٻئي خاندان سنڌ جا رهواسي آهيو، جهيڙي سان تڪليف ٿي آهي، ذاتي اختلاف ختم ڪيو.  ناياب سرڪش طارق سيال آڏو روئي ويٺي. پيپلز پارٽي اڳواڻ طارق سيال چيو ته پاڪ ڪتاب ۽ نياڻي اچڻ تي سڀ ڪجهه ختم ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.