ميڪسيڪو سٽي ( م ڊ ) لاطيني آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو جي هڪ ميوزيم ۾ هڪ شخص اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي مجسمي کي هٿوڙن سان ٽوڙي ڇڏيو، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب ميڪسيڪو سٽي جي ويڪس ميوزيم ۾ نقاب پوش شخص هٿ ۾ هٿوڙي کڻي داخل ٿيو.رپورٽ موجب نقاب پوش شخص پهريان نتن ياهو جي چهري تي ڳاڙهورنگ اڇلايو ۽ پوءِ هٿوڙي سان سندس چهرو ٽوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ مجسمي کي ڌڪو ڏئي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو، . نقاب پوش شخص پاڻ سان گڏ فلسطين جو جهنڊو به کڻي آيو. ان کان پوءِ نقاب پوش شخص ڪئميرا جي سامهون فلسطين زنده باد، سوڊان زنده باد، يمن زنده باد ۽ پورٽو ريڪو زنده باد جا نعرا هنيا ۽ اتان هليو ويو.