ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ هڪ اعلى سطحي وفد سميت جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽرصفدر علي عباسي، اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي سان سندن رهائش گاهه تي ملاقات ڪئي. صوبائي امير معظم علي عباسي ۽ سندس فرزند وليد عباسي مٿان داخل ڪوڙي ڪيس تي سخت ڳڻتي جو اظهار ۽ مذمت ڪندي چيو ته سياست ۾ دشمني ۽ ذاتي انتقامي ڪاروايون ڪرڻ جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ عمل آهي،هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ بلوچستان کان جيڪب آباد ايندڙ صوبائي مشير جي پوليس اسڪواڊ واري گاڏي مان جديد هٿيار پڪڙجڻ، صحافي جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪرڻ وارن واقعن جي نشاندهي هجڻ باوجود اڄ تائين قاتل قانون جي پڪڙ کان ڇو آجا آهن؟ هتي جيڪو جيترو وڌيڪ ڪرپٽ آهي اهو اوترو ئي وڌيڪ طاقتور ۽ ڪمزور توڙي شريف شهرين کي وڌيڪ دٻايو ٿو وڃي، هن چيو ته سُهيل سيال جي بنگلي ٻاهر ٿيندڙ فائرنگ واري واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي. ان موقعي تي ضلعي امير ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو، علي گل چانڊو ۽ ايڊوڪيٽ طارق علي مير جت پڻ موجود هئا.