ڊگهڙي (رپورٽ: فقير عبدالقيوم جروار ) ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڇهه نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان سم سورھڏي کان ڊگهڙي تائين 10 ڪلوميٽر ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ عورتون معصوم ٻارڙا ڪڇ ۾ کڻي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيون. وفاق واضع ڪر اعلان ڪئنال کپئي يا پاڪستان، بلاول شهباز سرڪار واضع ڪر اعلان ڪئنال کپئي يا پاڪستان، سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪريو. پاڻيءَ تي ڌاڙا بند ڪريو، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو، سنڌ جون زمينون ڪمپنين بدران مقامي بي زمين هارين ۽ ھارياڻين کي ڏيو جي مطالبن جا پلي ڪارڊ کڻي سوين ماڻهو ريلي ۾ شريڪ ٿيا ۽ پرجوش نعريبازي ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، اياز کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زبيده ڪلوئي، عظمت ھاليپوٽي،ڪامريڊ شگن، طالب جروار رازق بلوچ چيو ته پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري، صدارتي هائوس کي سنڌ جي وسيلن جي وڪري جو نيلام گهر بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي مٿان ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ وار ڪيو ويو آھي. صدر آصف علي زرداري اقتدار خاطر ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت ڏئي سنڌ کي ريگستان ۽ ڀڙڀانگ ڪرڻ چاھي ٿو. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وفاق ۽ غيرملڪي سرمائيڪارن کي ڏئي ڇڏيون آھن. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ڇھ نوان ڪينال ڪڍي پنجاب جي لکين ايڪڙ غير آباد زمينن کي آباد ڪري سنڌ کي سڪايو ويندو. هنن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام سان ويساھ گھاتي ڪئي آھي. پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري ۾ وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ بند ڪري، نگران سرڪار طرفان گرين ڪارپوريٽ ڪمپني کي الاٽ ڪيل ٻاونجاهه هزار ست سئو تيرهن ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ بدران پيپلز پارٽي ساڳي ڪمپني کي چوڏنهن هزار اٺ ايڪڙ وڌيڪ زمين ڏئي سنڌي هارين کي بي دخل ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه عمرڪوٽ جي زمين ڪمپني کي ڏيڻ واري وزيرن جي ڪميٽي جي فيصلي کان لاعلمي ظاهر ڪري پنهنجي نااهلي ثابت ڪئي آهي. سنڌ جو وڏو وزير صوبائي چيف ايگزيڪيوٽو آهي ۽ ان کي زمينن جي الاٽمينٽ جي به خبر ناهي ته هو عهدي تي ڇو ويٺو آهي؟ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏنل سنڌ جي زمينن جي لاٽمينٽ رد ڪئي وڃي، ڇهه نون ڪئنالن جو ڪم فوري طور روڪي سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ختم ڪئي وڃي.