اسلام آباد (رئوف ڪلاسرا) 190 ملين پائونڊ ڪيس جي فيصلي کي ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت پاڻ وٽ ڪجهه هٿيار رکڻ چاهي ٿي. ڇو ته عمران خان ته اڳ ئي جيل ۾ ويٺو آهي، فيصلو اچي به ويو ته ڇا ٿيندو ۽ اسان وٽ ڳالهين ۾ کين ڏيڻ لاءِ ڇا بچندو. کين سزا ڏيڻ جي ڪا تڪڙ به ناهي. هي ڪيس اهم ان جي ڪري به آهي ته بشريٰ بي بي ان ڪيس ۾ شامل آهي ۽ عمران خان نٿو چاهي ته هو ٻيهر گرفتار ٿئي، حڪومت کي اها ڪمزوري سمجهه ۾ اچي وئي آهي. ڳالهين واري ڪميٽي چوي ٿي ته فيصلا عمران خان ڪندو. جڏهن عمران خان جا 2 مطالبا واضح آهن ته اهو سمجهه نٿو اچي ته عمران خان اڃا ڪهڙو فيصلو ڪندو؟ تنهن جي ڪري ائين لڳي ٿو ته ٻئي ڌريون وقت گذاري رهيون آهن. عمران خان به شايد ائين چاهي ٿو ته ٽرمپ انتظاميا اچي وڃي ۽ اها ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي. ۽ ٽرمپ انتظاميا جي هوندي عمران خان کي سزا اچي وئي ته ان جو اثر وڌيڪ هوندو. عمران خان ائين ئي چوندو ته مان ته ڳالهيون ڪري رهيو هيس مون کي ۽ زال کي جيل ۾ وڌو ويو آهي. ٻئي پاسي عمران خان جيڪڏهن ڪنهن جي ڳالهه مڃيندو آهي ته اها بشريٰ بي بي آهي، اها ئي کيس قائل ڪري سگهي ٿي. بشريٰ بي بي سان پردي پٺيان ڳالهين ۾ علي امين گنڊاپور به آهي ۽ فارمولو ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته جنوري جي مهيني تائين ڪا اڳڀرائي ڪري وٺجي. عمران خان سڀني ڪارڪنن جي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو ته ائين نٿو لڳي ته اهو ڪو ڏکيو فيصلو هوندو. اهي به خبرون آهن ته ڳالهه ٺهي نه سگهندي ڇو ته عمران خان چپ ڪري نه ويهندو. عمران جو اهو مسئلو آهي، فوج کي ان مان ٻaه اميدون هونديون ته هو ٻاهر اچي چپ رهي يا وري ڪو ضامن ڏئي. هن وقت نه ضامن آهي ۽ نه ئي عمران خان چپ ڪري ويهندو، ڏسجي ته سندس آخري ٽرمپ ڪارڊ ڪيئن هلي ٿو.