ڪراچي (رپورٽر) سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي وفد مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي سٽي نائب ناظم محمد طارق حسن، مسلم ليگ ف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم ۽ عالمي مجلس تحفظ ختم نبوت جي امير مولانا اعجاز مصطفيٰ سان ملاقات ڪري جماعت اسلامي جي طرفان سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ 12 جنوري تي سکر ۾ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو سڏ ڏنو. اڳواڻن سنڌ ۾ امن ۽ امان جي خراب صورتحال ۽ حڪومتي بي حسي تي آل پارٽيز ڪانفرنس کي سٺو سنوڻ ۽ وقت جي ضرورت قرار ڏنو ۽ جماعت اسلامي جي هن احسن قدم جي ساراهه ڪندي پنهنجي شرڪت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي اڳوڻو صوبائي امير محمد حسين محنتي، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا ۽ سيد رضا علي پڻ شامل هئا.