ڪرم امن ٺاهه تحت اڄ پهريون قافلو پارا چنار روانو ٿيندو

پشاور(م ڊ) ڪرم امن معاهدي تي باقي 6 ميمبرن به صحيحون ڪري ڇڏيون. جڏهن ته امن معاهدي تحت پهريون قافلو اڄ پارا چنار موڪلڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب ڪرم امن معاهدي تحت امن ڪميٽيون به قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ مقامي ماڻهو، قبائلي ۽ سياسي اڳواڻ شامل آهن، انهن امن ڪميٽين جي ضمانت تي کاڌ خوراڪ ۽ سامان تي مشتمل گاڏين جو قافلو پارا چنار ڏانهن روانو ٿيندو.  ذريعن موجب 80 گاڏين جو قافلو اڄ صبح 10 وڳي ٽل کان پاراچنار روانو ٿيندو.  جنهن بعد ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مسافر گاڏيون به قافلي جي صورت ۾ کڻي وڃڻ جو امڪان آهي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته قافلي ۾ کاڌي پيتي جو سامان ۽ دوائون به شامل هونديون.  قافلو عليزئي، باغان، پارا چنار سميت ڪرم جي مختلف علائقن ۾ ويندو، عليزئي، باغان، پارا چنار ۽ ڪرم جي ٻين علائقن ۾ کاڌي پيتي جو سامان پهچايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.