سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو سامبر هرڻ سيالڪوٽ ورڪنگ بائونڊري پار ڪري نارنگ منڊي پهچي ويو.
نارنگ منڊي ۾ زرعي ترقياتي بينڪ جي احاطي ۾ ڪارو سامبر هرڻ گهڙي آيو، جنهن کي بينڪ عملي پڪڙي ورتو.
بينڪ عملي هرڻ کي وائلڊ لائف کاتي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
وائلڊ لائف جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته سامبر هرڻ ڀارت کان سرحد پار ڪري پاڪستان پهتو، جنهن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته نارنگ منڊي ڀارتي ورڪنگ بائونڊري جي ويجهو آهي، جتي ڀارت واري پاسي جهنگ موجود آهي، جتان اڪثر جانور پاڪستان ۾ داخل ٿيندا آهن.
You might also like