ڪراچي ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي بازيابي لاءِ احتجاج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٽيم عافيا پاران ڪراچي جي اڳواڻ جويريا خان ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب احتجاج ڪري ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر عافيا کي بيگناهه آمريڪا ۾ قيد ڪيو ويو آهي، هوءَ پاڪستان جي سائنسدان آهي، مٿس ڪوڙا الزام هنيا ويا آهن.

هنن چيو ته ڊاڪٽر عافيا جو مسئلو رڳو پاڪستان جو مسئلو ناهي پر کيس قيد ۾ رکڻ عالمي انساني حقن جي ڀڇڪڙي آهي، عافيا صديقي تي لڳايل سمورا الزام ختم ڪري کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي

احتجاج ۾ ٽنڊي الهيار کان ڪراچي علاج لاءِ آيل مفتي ارشد پڻ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان توڙي عالمي ادارن کان سندس آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. مظاهرين ۾ موجود عورتون توڙي مرد ڊاڪٽر عافيا کي آزاد ڪيو جا نعرا هڻندا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.