عمران خان کي بني گالا منتقل ڪرڻ واري آڇ جي ترديد

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو ته هاڪاري ڳالهيون ٿيون، علي امين گنڊاپور سٺيون ڳالهيون ڪيون. ڳالهين واري ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي ڄاڻ ۾ ناهي ته عمران خان کي بني گالا منتقل ڪرڻ جي آڇ ٿي آهي. پي ٽي آءِ وفد پنهنجي ڪارڪنن جي آزادي جي ڳالهه ڪئي، عمر ايوب چيو ته حڪومت ڪارڪنن جي آزادي ۾ رنڊڪ نه بڻجي، اسان چيو ته آزادي عدالت جي ذميواري آهي، اسان جي هٿ ۾ ناهي. 9 مئي جي جوابدارن جي سزا معاف ٿيڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوج جو پنهنجو طريقيڪار آهي، پنهنجي نظام تحت سزا ڏين ٿا ۽ معاف ڪن ٿا. ٻين جون به اپيلون آهن، شايد کين به رليف ملي وڃي، اسان تي ڪو آمريڪي دٻاءُ ناهي.  هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا سوشل ميڊيا ٽرولنگ کان بچڻ لاءِ ٻاهر اچي سخت بيان ڏين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.