پوليس جي ڪري محفوظ آهيون، ان جي عزت ڪريو؛ عدالت

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج نمائش چورنگي تي ڌرڻي دوران پوليس تي پٿراءُ ڪندي گرفتار ڪيل ننڍي ڄمار جي ڇوڪرن سميت 19 جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارن جو ريمانڊ نه ٿو ٺهي، جوابدارن کي پٿر ڪنهن ڏنا؟ ڇا ٻوري ڀريل هئي؟ رياست خلاف وڳوڙ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪريو پر قانون کي هٿ ۾ نه کڻو،

پوليس کي عزت ڏيو، پوليس جي ڪري اسان سڀ محفوظ آهيون، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.