گذريل سال جو جائزو وٺي نئين سال ۾ قدم رکڻ جي اهميت ۽ ضرورت

بظاهر ائين لڳندو آ ته  نئون سال صرف ڪئلينڊر جي سال جي تبديلي جو عمل هوندو آهي پر جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي سائنسي اصول تحت ڏسجي ته وقت ۽ ڌرتي ۽ ڌرتي تي رهندڙ سماج اڳتي سفر ڪندو آهي. ڪي سماج ۽ ماڻهو وقت جي رفتار سان گڏ اڳتي وڌندا آهن ڪي ان رفتار يعني نئين تقاضائن سان گڏ نه هلي ڪري پوئتي رهجي ويندا آهن سو سال جي تبديلي رڳو ڪئلينڊر جي تبديلي ناهي پر اڳتي سفر ڪندڙ ماڻهن ۽ سماجن جي تبديلي پڻ آهي تنهن ڪري گذريل سال يا سالن جو جائزو وٺي نئين سال ۾ ڪجهه بهتر ڪرڻ جو قدم رکڻ گهرجي.

اها حقيقت آهي ته ائين هر سال ٿيندو آهي.هر گذريل سال جو جائزو وٺي نئين سال ۾ شعوري يا لاشعوري طور داخل ٿيبو آهي پر جيڪڏهن شعوري طور  گذريل سال جو جائزو وٺي اڳتي لاءِ سوچجي ته اهو انفرادي توڙي اجتماعي مفاد ۾  هوندو. ائين ئي حڪومتن، رياستن، سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن توڙي هر مڪتبهء فڪر کي پنهنجي نظريي جي حوالي سان گذريل سال  جو جائزو وٺي نئين سال لاءِ ڪا حڪمت عملي يا پاليسي جوڙڻ گهرجي. نئين سال لاءِ ڪجهه بهترڪرڻ جا مقصد طئي ڪن ته يقينن ان عمل سان تبديلي ايندي.جيئن ته اسان مٿي لکيو آهي ته جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي سائنسي اصول تحت وقت بهرحال اڳتي ئي وڌي ٿو. وقت جي رفتار سان هلڻ ئي انساني زندگي جو سڀ کان وڏو چئلنج رهيو آهي. ان چئلنج کي قبولڻ وارا ئي سرخرو ٿيا آهن ۽ تاريخ اهو ثابت به ڪيو آهي.

اها سٺي ڳالهه آهي ته اڄ سنڌ اندر به اسان ذاتي طور ڪي اهڙا نوجوان ڏٺا آهن جيڪي گذريل سالگهاريل پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي ڪمن جو جائزو وٺي نئين سال جا نوان گول، مقصد طئي ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن تي پورو لهڻ جي واقعي به ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڪامياب نتيجا ماڻين ٿا. انهيءَ ڪلچر کي وڌائڻ جي ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي.هيءَ ايڊيٽوريل به ان ڏس ۾ هڪ اڳڀرائي  طور لکجي ٿو. گذريل سال جيئن ئي فيبروري 8 جي تاريخ تي عام چونڊون ٿيون هيون ته اسان ان موقعي تي گذريل سالن جي تلخ تجربن جي روشني ۾ هڪ تجويز ڏني هئي ته هاڻي پراڻن تلخ سياسي ۽ حڪومتي تجربن مان سکي ڪري نئين قسم جي سياست ۽ حڪومت ڪرڻ جو اتساهه وٺڻ گهرجي. مثال طور هاڻي حڪومت، مخالف سياسي اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروايون نه ڪري پر  گڏجي کڻي هلڻ جي جمهوري روايت قائم ڪري  ۽ ٿي سگهي ته مخالف ڌر مان به ڪنهن کي حڪومت ۾ حصو ڏئي، ڪا وزارت ڏي ۽ ائين گڏجي حڪومت ڪرڻ جو تصور آڻي پر افسوس ته ائين نه ٿي سگهيو، ماضي وانگر شديد انتقامي ڪارروايون هلي رهيون آهن.جنهن سبب عوام جو ڪو ڀلو  نه ٿو ٿئي. پر جيڪڏهن حڪومت هر سال پنهنجو ٽارگيٽ طئي ڪري ته پوءِ ٽارگيٽيڊ حڪومت طور سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿي. ايئن جن وزيرن کي وزارتون مليل آهن تن کي به پنهنجين وزارتن جا ساليانا ٽارگيٽ طئي ڪرڻ گهرجن جيئن تعليم، صحت، زراعت، ماحوليات، ٽرانسپورٽ، بجلي، قانون، گهرو وزارت وغيره جون وزارتون آهن تن کي پنهنجي سالياني ڪارڪردگي ڏسڻ گهرجي ۽ انهن جو جائزو وٺي نئين سال انهن کي بهتر ڪرڻ جو اونو رکڻ گهرجي. ٻيو ته ڇڏيو اقتداري جماعتون ته پنهنجن منشورن تي ئي ناهن  هلنديون. منشور هڪڙا هوندا اٿن ۽ اقتدار ۾ اچي ڪري وري ”آقائن“  جي پاليسين تي هلڻ لڳنديون آهن جن جو منشور ۾ ذڪر ئي ناهي هوندو. مثال طور ڇا مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي منشور ۾ لکيو هو ته اقتدار ۾ اچي سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍنداسين ڇا پ پ پنهنجي منشور ۾ اهو لکيو هو ته اقتدار ۾ اچي ڪارونجهر جبل کي کوٽي ان جو قيمتي پٿر وڪرو ڪنداسين؟ نه ته پوءِ اهي پاليسيون ڪهڙِي منشور تحت طئي ٿيون. مطلب ته اسان جا ماڻهو، اسان جو قومون، اسان جون سياسي، سماجي، ادبي، تعليمي، صحت جون تنظيمون، حڪومتون ۽ وزارتون ٽارگيٽڊ ناهن هونديون. ڪو هوم ورڪ ناهن ڪنديون جنهن سبب ڪنهن جي به ڪم ۾ ڪو ڪوالٽي ناهي هوندي بس وقت جو ذيان ئي ٿيندو  نظر ايندو آهي.پر جيڪڏهن هر ماڻهو، هر حڪومت، هر جماعت  ۽ هر مڪتبهء فڪر وارو ماڻهو گذريل سال جو پنهنجو جائزو وٺي، نئين سال جو ٽارگيٽ طئي ڪري سفر ڪري ته اهي پنهنجي منزل تي ڪاميابي سان پهچي سگهن ٿا. ائين مجموعي طور تي ملڪ ۽ سنڌ جي حوالي سان گذريل سال کي ڏسبو ت ڪافي ڳالهيون واضح طور نظر اينديون ته اسان جو قبلو ڪيئن آهي ۽ ان کي درست رکڻ جو موقعو وري نئون موقعو سال ڏيندو آهي، ان جذبي ۽ ارادي تحت سوچڻ ۽ پنهنجو جائزو وٺڻ جي ضرورت کي محسوس ڪرڻ گهرجي.اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا هر سال گذريل سال جو ائين جائزو وٺي حڪومتن عوام ۽ هر مڪتبهء فڪر جي آڏو رکنديون آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جائزن مان فائدو ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.