سال 2025ع ۾ سج ۽ چنڊ کي گهڻا ڀيرا گرهڻ لڳندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2024ع پنهنجون خوشگوار ۽ تلخ يادون پاڻ سان گڏ کڻي گذري ويو آهي ۽ هاڻي سال 2025 ع جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڪيترائي ماڻهو ان ڳالهه ۾ دلچسپي رکن ٿا ته نئين سال ۾ هو ڪيترا ڀيرا چنڊ يا سج گرهڻ ڏسي سگهندا.
موسميات کاتي جي رپورٽ موجب، هلندڙ سال ٻه سج ۽ ٻه چنڊ گرهڻ ٿينديون.
سال جو پهريون سج گرهڻ 29 مارچ تي ٿيندو، جيڪو پاڪستان ۾ نظر نه ايندو.
21 کان 22 سيپٽمبر جي وچ ۾ سج کي ٻيو گرهڻ لڳندو، پر اهو پڻ پاڪستان ۾ نظر نه ايندو.
سال جي پهرين چنڊ گرهڻ 14 مارچ تي ٿيندي، جيڪا صبح 8:57 تي شروع ٿيندي، پر پاڪستان ۾ ان وقت ڏينهن هوندو، تنهن ڪري اها هتي نظر نه ايندي.
ٻي جزوي چنڊ گرهڻ 7 ۽ 8 سيپٽمبر جي وچ واري رات ٿيندي، اها رات 8:28 کان شروع ٿي 1:55 تي ختم ٿيندي، چنڊ گرهڻ پاڪستان سميت يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ڏٺي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.