ايشيا جي امير ترين شخص مڪيش امباڻي جي پٽ اننت امباڻي مهانگي ترين گهڙي پائي دنيا کي ڇرڪائي ڇڏيو.
اننت امباڻي وٽ دنيا جي سڀ کان مهانگين گهڙين جو ذخيرو موجود آهي، جيڪي شايد ئي ڪنهن ٻئي وٽ هجن پر تازو هن رچرڊ ملي پاران ڊيزائن ڪيل نيلم واري Richard Mille RM 52-04 Skull Blue Sapphire گهڙي پاتي، جنهن جي قيمت 73 ڪروڙ پاڪستاني رپيا (26 لک 25 هزار آمريڪي ڊالر) هئي.
اها ناياب گهڙي دنيا ۾ رڳو ٽي عدد ٺاهي وئي آهي ۽ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان انهن کي سڌو سنئون ڏسڻ جو شرف حاصل ڪيو ته به خوش قسمت آهيو.
اننت امباڻي وٽ سوئس برانڊز جهڙوڪ رچرڊ ملي، پيٽيڪ فلپ، آڊيمارس پيگيٽ سميت ٻيون ڪيتريون ئي گھڙيون موجود آهن پر هيءَ انهن سڀني کان مٿي آهي.
هڪ سوشل ميڊيا انسٽاگرام پيج موجب اننت امباڻي جي ناياب رچرڊ ملي گھڙي Richard Mille RM 52-04 کي نيلم جي هڪ ٽڪري مان تيار ڪيو ويو آهي.
You might also like