ٻيڙي حادثن ۾ ملوث ايف آءِ اي جا 35 ملازم برطرف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٻيڙي حادثن ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن خلاف ڪارروائين جو آغاز ٿي ويو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب ڊي جي ايف آءِ اي ٻيڙي حادثن ۾ ملوث 49 اهلڪارن خلاف محڪماڻي ڪارروائين تي ٻڌڻي ڪئي ۽ حادثن ۾ ملوث ايف آءِ اي جي 35 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان چيو ته انساني سمگلنگ ۾ ملوث ايف آءِ اي جي 13 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، حادثن ۾ ملوث 4 انسپيڪٽرز، 10 سب انسپيڪٽرز، 2 اي ايس آءِ برطرف ڪيا ويا آهن، حادثن ۾ ملوث ايف آءِ اي جا 5 هيڊ ڪانسٽيبلز ۽ 14 لانسٽيبلز پڻ برطرف ڪيا ويا آهن.
ڊي جي ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير موجب غفلت ۾ ملوث اهلڪارن لاءِ اداري ۾ ڪا جاءِ ناهي، انهن اهلڪارن خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.