اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ايٽمي اثاثن جي فهرستن جي ڏي وٺ ٿي آهي.
31 ڊسمبر 1988 ۾ ڪيل ان معاهدي تحت ٻئي ملڪ هر سال پهرين جنوري تي هڪٻئي کي پنهنجي ايٽمي اثاثن جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ جا پابند آهن.
معاهدي تحت پاڪستان جي فهرست پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته ڀارتي پرڏيهي وزارت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي کي فهرست ڏني.
پاڪستان ۽ ڀارت 27 جنوري 1991 ۾ معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ پهرين جنوري 1992 کان هر سال فهرستون هڪٻئي حوالي ڪندا آهن.
You might also like