اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر سفارتڪار شفقت خان کي پرڏيهي کاتي جو نئون ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب شفقت علي خان هن وقت پرڏيهي وزارت ۾ يورپ بابت ايڊيشنل سيڪريٽري آهي، هو روس ۾ پاڪستان جو سفير به رهي چڪو آهي ۽ پولينڊ ۾ پڻ پاڪستاني سفير طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.
هن وقت پرڏيهي کاتي جي ترجمان جا فرض ممتاز زهريٰ بلوچ انجام ڏئي رهي آهي.
ذريعن موجب ممتاز زهريٰ بلوچ کي وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي تجويز تي فرانس ۾ پاڪستاني سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
You might also like