ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلمساز انوراگ ڪيشپ، جيڪو ڪيئي ڪامياب فلمن جي هدايتڪاري ڪري چڪو آهي پر سندس پهرين فلم ” پانچ “ ٻاويهه ورهيه گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين رليز ناهي ٿي.
پانچ جي پروڊيوسر ٽوٽو شرما هڪ انٽرويوءَ دوران مداحن کي خوشخبري ڏيندي ٻڌايو ته هو اِها فلم هلندڙ سال سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.
پروڊيوسر موجب، پانچ جي رليز تي پهريان پابندي مڙهي وئي هئي ۽ ان جا نيگيٽو خراب ٿي ويا هئا جيڪي هاڻي بحالي واري مرحلي مان گذري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته فلم سان لاڳاپيل سمورو تڪرار ۽ مسئلا حل ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻن ڏهاڪن کان دٻي ۾ بند فلم کي رليز ڪيو وڃي.
پانچ جي ٻيهر رليز جو اعلان انيس بزمي جي فلم ” نام “ جي ڪامياب رليز کانپوءِ سامهون آيو آهي، نام جيڪا 2008ع ۾ رليز ٿيڻي هئي، اِها گذريل مهيني سئنما گهرن ۾ پيش ڪئي وئي.
انوراگ ڪيشپ جي فلم پانچ 77-1976ع ۾ ڀارتي رياست مهارشٽرا جي شهر پوني ۾ جوشي اڀيانڪر سيريل قتل تي آڌاريل آهي.
فلم ۾ ڪي ڪي مينن، اديتيا شريواستو، وجئه موريا ۽ تيجسوِني ڪولهاپوري مُک ڪردار ادا ڪيو آهي.
فلم کي رليز جي اجازت ڇو نه ملي؟
پانچ جي حساس موضوع، بدسلوڪي ۽ تشدد سبب رليز تي اعتراض واريو ويو هو. انوراگ ڪيشپ ان کانپوءِ ٻين فلمن ۾ مصروف ٿي ويو ۽ 2004 ۾ ”بليڪ فرائيڊي“ سان هدايتڪار طور ڊيبيو ڪيو.
انوراگ ڪيشپ جي آخري فلم”ڪينيڊي“ هئي، جيڪا اڃا تائين رليز نه ٿي آهي.
You might also like