سنڌ ۾ هلندڙ انساني ڪوس آخر ڪڏهن ختم ٿيندو؟

سنڌ ۾ قبيلائي ڌاڙيل جيڪي پنهنجي ڪٺورپڻي رهزني ۽ بي رحمي سبب قبيلائي دهشت گرد بڻجي چڪا آهن. جيڪي رستي ويندڙ هٿين خالي غريب ۽ پورهيت ماڻهن کي جهلي قتل ڪري ڇڏين ٿا. سندن ڪارروايون ڏسي ايئن محسوس  ٿيندو آهي ته جهڙوڪ هت قانون نالي ڪا شيءِ آهي ئي ڪانه جنهن سان بي لغام بڻيل قبيلائي قاتلن کان ماڻهن جو زندگيون بچي سگهن.گذريل اڱاري واري ڏينهن تي پريالوءِ ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ پنج انساني  زندگيون ختم ڪيون ويون آهن. جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي اهو بنهه گهٽ ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جي  نانءُ تي هلندڙ انساني ڪوس ۾ رڳو پنج حياتيون ختم نه ڪيون ويون آهن  پر  پنج ڪٽنب ۽ علائقي جو امن پڻ تباهه ڪيو ويو آهي.

هونئن ته سنڌ ۾ ٿيندڙ قبيلائي جهيڙن جي تاريخ گهڻي پراڻي آهي، جنهن ۾ نه ڄاڻ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن قبيلي جهيڙن ۾ قتل ٿيندڙ ماڻهن کي ڪنهن الڳ قبرستان ۾ دفنايو وڃي ها ته يقينن اهو دنيا جو نه سهي پر ايشيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان ضرور بڻجي وڃي ها، پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هيل تائين قبيلائي جهيڙن دوران قتل ٿيندڙ  ماڻهن جي تمام ٿورڙن قاتلن کي سزا آئي آهي. ٿلهي ليکي ايئن سمجهجي ته سئو قاتلن مان نوانوي جوابدار رياستي قانون جي گرفت کان آجا ٿي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جا فيصلا عدالتن ۾ نه پر اوطاقن ۾ ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو نه ته جوابدارن کي جوڳي سزا ملي ٿي ۽ نه ئي قبيلائي جهيڙن جو مستقل خاتمو  ٿي سگهي ٿو.

چيو ويندو آهي ته قانون جا هٿ ڊگها ٿيندا آهن. جنهن کان بااثر ۽ طاقت ور جوابدار به بچي ناهن سگهندا پر  اسان وٽ اهو سڀ رڳو قبيلائي قانون ۾ ڏٺو ويو آهي جنهن جي آڏو رياستي قانون بلڪل به نٻل ۽ لاچار نظر ايندو آهي.قبيلائي قانون جوابدارن کي  رياستي  قانون کان مڪمل تحفظ مهيا ڪندو رهي ٿو.  هونئن ته اسان ان قسم جا الائي نمونا ڏسي چڪا آهيون. پر تازو هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي عمل جو ورجاءَ ٿيندي نظر آيو آهي. ڪجهه سال اڳ ڪشمور واسي ڪراچي يونيورسٽي جي شاگرد جاويد احسان کوسو کي حڪمران پارٽي سان واسطو رکندڙ جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو هو. بااثر ۽ سياسي اثر رسوخ رکڻ سبب قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار  ويڳو گاڏين ۾ هٿياربند کڻي سرعام گهمندا رهيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ گرفتاري کان اڳ ئي ضمانت منظور ڪرائي ورتائون. جن کي عدالت سڳوري ٻه مهينا کن اڳ عمر قيد سزا ٻڌائي هئي. کين سزا ملندي ئي سردار وڏيرا پير مير سرگرم ٿي ويا ۽ مقتول جي وارثن تي مختلف پاسن کان دٻاءُ وجهي کين راڄوڻي تي راضي نه پر بنهه مجبور ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ئي هفتن جي اندر شهيد شاگرد جاويد کوسي جا  قاتل ٻاهر  اچي ٻيهر  ڪنهن مظلوم کي پنهنجي ڏاڍ جو نشانو بڻائيندا ۽ جاويد کوسي جو لاش به ٻين سوين قبيلائي جهيڙن جي شهيدن جيان لڙهي ويندو.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جتي لڳاتار بي گناهه قتل ٿيندڙ ماڻهن جا لاش لوڙهيا ويندا هجن اتي قبيلائي دهشتگردي  ڪيئن ختم ٿيندي؟  حڪومت، رياست ۽ ادارن کي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻو پوندو ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جي نانءُ تي وڌندڙ قتل و غارت گيري جي نه رڪجڻ جو آخر ڪهڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. ان معاملي ۾ اهي ڪهڙين ڳالهين کان گٿل آهن.

جوابدارن کي قانوني طور سزا نه ملڻ جو اهو نتيجو اسان جو سامهون اچي رهيو آهي جو قبيلائي هٿياربند نه رڳو هڪئي وقت پنج پنج  ۽ ڏهه ڏهه قتل ڪرڻ لڳا آهن پر اهي ڌاڙ هڻڻ ڦرون ڪرڻ ۽ ماڻهن کي اغوا  ڪرڻ کان ويندي ٻين ڪرمنل سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺي رهيا آهن. ڪجهه سال اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي دهشت گردن  جديد هٿيارن سان هڪ ڳوٺ تي هلان ڪري چاچڙ برادري جي اٽڪل ٻارنهن بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ ٻارڙا يتيم بڻيا هئا پر ايڏي وڏي واردات ڪندڙ جوابدار اڃان گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

جيستائين ملڪ ۾ حقيقي معنيٰ ۾ رياستي رٽ قائم نه ڪئي ويندي تيستائين نه قبيلائي جهيڙن ۾ ڪا ٺاپر اچي سگهي ٿي ۽ نه ئي بدامني جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڏٺو اهو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو اسان وٽ قانوني حدون لتاڙيندا رهندا آهن اهي ٻين ملڪن جتي جو قانون سخت ۽ ادارا مضبوط آهن اتي قانون ٽوڙڻ جو تصور ئي ڪري ناهن سگهندا. پر جڏهن اهي ماڻهو واپس ڏيهه  پهچندا آهن ته خود کي قانون کان مٿاهون سمجهڻ لڳندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو هتان جي قانون جون ڪمزوريون ڄاڻيندا آهن. جڏهن ته قانون ڪمزور نه پر طاقت ور ئي هجڻ گهرجي، قانون ۾ ڪنهن به قسم جي گنجائش بلڪل به نه هجڻ گهرجي. جتان جي قانون کي ڪمزور ڪيو ويندو آهي ته اتي لاقانونيت جو راڄ لاڳو ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ اتان جي حڪومت هٿياربندن جي اڳيان هيڻي ۽ شهري غير محفوظ بڻجي ويندا  آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.