ادب جو ڪم آھي سماج کي سندس حقيقي آئينو ڏيکاري، ان جون اوڻايون به ٻڌائي ته خوبيون به. سماج اندر انسان دوست نواڻ لاءِ جڳهه ٺاھي ۽ ترقي جي راھ ۾ رنڊڪ وجھندڙ پراڻ جون پاڙون اکوڙي ڪڍي. سموري انساني تاريخ اندر سماج جي نو سر اڏاوت جو مھندار بادشاهن، شھزادن، سپاھين ۽ سپھه سالارن کي سمجهيو ويو آھي. ھومر کان ويندي شيڪسپيئر تائين جو ادب ان ئي سبب بادشاهي محلن اندر ۽ شھزادن ۽ سپهھ سالارن جي گھوڙن تي ڦرندو نظر اچي ٿو. عام پورھيت عوام کي جيڪڏهن ادب ۾ ڪا جاءِ ملي به آھي ته اھا ھڪ مسڪين ۽ ويچاري واري ملي آھي.لطيف سائين ان ڏس ۾ ادب اندر ھڪ وڏي انقلابي جي جاءِ والاري ٿو، ھو ان نئين سماج جي اڏاوت لاءِ بادشاھن يا سپھه سالارن ڏي نٿو ڏسي، پر غريب پورهيتن کي ان عظيم مقصد لاءِ تيار ڪري ٿو.
ان کان اڳ ڀٽ ڌڻي ان سماج جو اولڙو ٿو ڏيکاري جيڪو ھو پاڻ اڏڻ چاھي ٿو. اھو سماج جيڪو مرشد لطيف اڏڻ ٿو گھري، جنھن ۾ رنگ، نسل، ذات پات، مذھب ، فرقا سڀ ثانوي آھن پر نينھن بنيادي حيثيت ٿو رکي. جنھن ۾ مون مسلمان جي ڌي سندس پريمي رمتي ڀيل کان منھنجي سامھون ھولي جو تلڪ لڳرائي سگھي. اھو ايڏو وڏو مقصد آخر لطيف سرڪار ھڪ ڊڄڻي پرت کان پورو ڪرائي ڪيئن سگھندو ؟ سوال بيشڪ وڏو آھي، پر لطيف جي خيال ۽ سمجهه کان وڏو ھرگز ناھي. ڀٽ جي ڌڻي لطيف سائين وٽ ان ماڻھو کي ايڏي وڏي ويڙھ لاءِ تيار ڪرڻ جو سڀ کان بھتر استاد آھي ڏک. پر ڇا جو ڏک؟ ماني يا غربت جو؟ نه نه لطيف سائين جنھن ڏک جي چونڊ ڪري ٿو اھو آھي فراق جو ڏک.
ھي اھو ٻيو موڙ آھي جتي مرشد ڀٽائي ادب اندر ھڪ ٻيو انقلاب ٿو آڻي. ھميشه اديبن ائين ڪيو آھي جو ڪردارن کي خوبصورتي ڏيکاري عشق ۾ اڙايو آھي ۽ پوءِ جڏھن جدائي ملي آھي ته ان جدائي جي ڏک ۾ عاشقن کي مئخانن ۾ ويھاري پرين جي خوبصورتي جا قصيدا بيان ڪرايا آھن. پر مرشد لطيف ھڪ سماج اڏڻ چاھي ٿو اھو به پورھيت کان انھي ڪري کيس ان پورھيت ڪردار کي ڏک سان همڪنار ڪرڻ لاءِ کيس جدائي جو وڍ ڏيڻو اٿس جنھن لاءِ کيس عشق ۾ ٿو اڙائي. مطلب ته سڄو ابتو قصو رھبر لطيف سنئون ڪري ٿو بيھاري. ۽ جڏھن عاشق کي ڏک حاصل ٿئي ٿو ته پوءِ ميخاني جي بدران سماج اندر ٿو لاھيس. مرشد لطيف ڏکن جي اھميت ٻڌائيندي چئي ٿو ته ؛
سَؤ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پڻ ڏِيان سَٽِ؛
جي مُون مِڙي مَٽِ، ته وِرِھُ وِھايان ھيڪِڙو.
سؤ سکن کي سودي ۾ ڏيئي ڇڏيان، بلڪ پنھنجو سر پڻ عيوض ۾ ارپي ڇڏيان. جي ان سڀ جي بدلي ۾ ھڪڙو ڏک ملي پئي ته اھا اھميت مرشد لطيف ڏکن کي انڪري ٿو ڏي ڇاڪاڻ ته ھو ڏکن کي راھ جو رھبر ٿو سمجهي. اسان سڀني اھو ته پنھنجي تجربن ۾ ضرور پرکيو ھوندو انسان سک واري ڪيفيت ۾ ڇيڳلو ھجي ٿو غير سنجيده ھجي ٿو پر ڏک کيس من جي گھرائي ۾ غوطا کارائي سنجيده ٺاھيو ڇڏي.
مرشد ان ئي ڳالھه ڏي اشارو ڪندي ڏکن ۽ سورن کي واٽ جو سونهون ڄاڻيندي فرمائي ٿو ته:
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
سُونھائي سُورَنِ، ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.
سسئيءَ کي پھاڙن جي پنڌ ڦٽي ڇڏيو آهي، تنھن ھوندي به ھوءَ ٽڪر ٽاڪيندي، لڪ چڙھندي پيئي وڃي. ھوءَ لڪ لتاڙي، پنھونءَ جي حضور ۾ پھچڻ لاءِ ڪشيندي پيئي وڇي. رُڃن ۾ سسئيءَ جي ھار سينگار ھليو ويو آهي. ڏک ئي کيس سپرين ملايو، نه سُک ھاڻ پاڻ ترڪ ڪرڻ جو اھڙو جذبو آخر ڪھڙو ڏک ڏئي سگھي ٿو ، فراق جي ڏک کان سواءِ ڪنھن ڏک ۾ ايتري سگھه ٿي سگھي ٿي ڇا؟ ھرگز نه. انھي ڪري حاصل ۽ لاحاصل ٻنھي جو فرق اچو ته مرشد جي لفظن ۾ سمجهون
سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجهيو، اوري آرِيءَ ساڻُ؛
ڪري پيکُ پُنھونءَ سين، پاڌارِيائِين پاڻُ؛
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
سسئي پنھونءَ کي ويجهو ٿي، عشق جو راز نه پروڙيو. پنھون سان ڏيٺ رکي، پاڻ پڌرو ڪيائين. (پنھنجي ھستي پرينءَ ۾ گم نه ڪيائين. ) ھن اڻ ڄاڻ ٻانڀڻ نيٺ ٻروچن ۾ پنھنجي خودي گم ڪئي. (وصال ۾ ھئي ته خودي ھيس، فراق ۾ اها گم ڪيائين.)
سون جي پاڻيءَ سان لکڻ جھڙا خيال آھن. مرشد چئي ٿو ته جنھن سماج اڏڻ جو آئون خواھشمند آھيان اھو وچ رڃ ۾ اڀي ٿيل ڪنھن اوچي ڏونگر جي مثل آهي ، جنھن تائين پھچڻ ۽ چڙھڻ کان اڳ جسم ۾ پاڻي جو آخري قطرو به صحرا پي ويندو. آخر اھو جبل چڙھندو ڪير ؟ مرشد ئي ٻڌائي ٿو ته:
وڃوسڀ وَرِي، اَئِين جي وَرَن وارِيُون؛
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالهه ڳَرِي؛
ٻُنڀان جن ٻَرِي، ڏُونگَر سي ڏوُرِيندِيُون.
اوھين جي ورن واريون آهيو، سي پٺتي موٽو. جدائي ۽ فراق جي ڳالهه نھايت ملهائتي يا اَڙانگهي پيئي ٻڌجي. جن جي گهر ٻنڀي (گهر جي لنگهه) آگ ٿي ٻري، سي ئي جبل جهاڳينديون. جيڪي جدائي مان ٿو ملي، سو ميلاپ مان حاصل نه ٿو ٿئي. پر محبوب منھنجي اوطاق (گهر) ۾ اچي پاڻ مون کي پاڻ کان ڏور ڪيو. (ڇو ته گڏجڻ سان سڪ غائب ٿي ويئي. ) سفر جو مقصد ملڻ نه پر سفر ئي آھي جدائي جو ڏک به اھڙو نه جيڪو پرين جي گڏجڻ سان گھٽجي وڃي ۽ پوءِ پرين جي ٻانھن ۾ ماڻھو ماٺ ڪريو ويٺو ھجي، مرشد لطيف کي ڪردار اھڙو کپي جنھن کي محبوب ته کپي ئي نه کپي ته بس محبوب جي جدائيءَ جو ڏک. انھي کي اظھاريندي شاھ سائين چئي ٿو ته
ڦِرِي آءُ، فِراقَ! مُونکي وِصالان وِچُ پِيو؛
جي ٿي چِڪِيَمِ، سي پِرِينءَ گڏجِي پُورِيا.
اي جدائي! تون موٽي اچ. وصال پاڻ منھنجي ۽ پرينءَ جي وچ ۾ اچي ڦوڙائو وڌو. جي زخمي جدائيءَ ۾ ڪڙھيم پئي، سي پرينءَ مون سان گڏجي اچي ميڙي ڇڏيا. ان شدت سان ڏکن جي طلب رکندڙ ڪردار لطيف جو آدرشي ڪردار آھي. سکن جي گھورو سنڌي سماج کي سبق ڏيندي مرشد فرمائي ٿو ته:
سُکين ٿِيُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ؛
پَٽي ڪَر مَ پانھنجو، گهورِي! اَڏ مَ گهرُ؛
مارِي! ھڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيُ جِيارِئين.
سکن ۾ سرھي نه ٿيءُ ، نڪي ڏک ڏسي ڊڄ. اي فدا ٿيل! نڪي پنھنجو گهر ناس ڪر، نڪي اُن کي اَڏِ. اي مٺي! ھرگز نه مرج، متان وري ڪي پنھنجي جيءَ کي جيئرو رکين جڏھن جدائي ملي وئي ته پوءِ تخليق ٿئي ٿو ان ڊڄڻي پرت مان اھڙو ڪردار جنھن کي مرشد ان محبت جي سماج اڏڻ جي سفر تي ھلائي ٿو. گھر ڇڏڻ کان اڳ جڏھن فطرت جي حسناڪين جو اھڃاڻ رکندڙ ڪونج جو مٺڙو آواز ان فراق جي وڍيل ڪردار جي ڪنن تي پئي ٿو ته جيئن ھو صحرائي سفر ڏي نه وڌي ۽ گھر جي آسائشن ۾ ويٺي فطرت جي حسناڪين جو لاڀ وٺي تڏھن ڀٽ ڌڻي کائنس چورائي ٿو ته
مَ لنئُن ڪُونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھِنئين چاڪَ؛
ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گهَرِ گهارِيندِيُون ڪيتِرو؟
اي ڪونج! ماٺ ڪر ۽ لاتيون نه لنئو ۽ منھنجي اندر جي ڦٽ کي نه اٿلاءِ. جي وڇوڙي جون وڍيل آهن، سي گهر ۾ ڪيترو گذارينديون؟ ھاڻ آھي ته بس بي انتھا ڏک، جدائي جو سفر به اھڙو جيڪو پرين جي گڏجڻ سان به پورو نه ٿئي. ھميشه جي سفر تي ھلندڙ سماج اندر ھاڻ لطيف سائين پنھنجي ڪردار سان گڏ ڪڏھن به ختم نه ٿيندڙ سفر جون وکون وڌائي ٿو. ۽ اڳتي بيان ڪري ٿو بياباني ۽ جابلو سفر جون ڏکيايون ۽ پنھنجي تخليق ڪيل ڪردار جا جذبا.