پي ٽي آءِ پاران رچرڊ گرينل جي بيان جي آجيان

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزد ڪيل خاص نمائندي جي بيان جي آجيان ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ ترجمان شيخ وقاص اڪرم چيو ته جيڪڏهن ڪو انساني حقن بابت بيان ڏئي ٿو ته کيس ڀليڪار چئون ٿا.هن چيو ته نئين آمريڪي انتظاميا جي بيان تي شڪر گذار آهيون پر ان جو مطلب اهو ناهي ته پي ٽي آءِ قيادت مداخلت چاهي ٿي.هن ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ سنجيدگي نظر آئي ته سول نافرماني جي سڏ تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته باني بئريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ مون کي عالمي معاملن تي ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پهريون مطالبو پي ٽي آءِ باني سميت سمورن سياسي قيدين جي آزادي آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جڊيشل ڪميشن جو قيام ٻيو مطالبو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.