اسلام آباد (م ڊ) سياسي تجزئيڪار ۽ اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو ته آمريڪا ۾ انساني حقن جي معاملي تي نمائندا بيان ڏيندا رهندا آهن، پر اهو نه سمجهڻ گهرجي ته آمريڪي پاليسيون سوشل ميڊيا تي ٺهنديون آهن. ان حوالي سان، حقاني ٻڌايو ته آمريڪا عافيا صديقي جي آزادي جي معاملي تي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي. هن چيو ته بيانن جي باوجود، اڄ تائين ڪنهن جي آزادي ناهي ٿي. ماڻهن کي غلط فهمي آهي ته آمريڪي عملدار فون ڪندا ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو، پر حقيقت ۾ اهو مڪمل طور تي ائين ناهي. حقاني ياد ڏياريو ته گيلاني حڪومت جي دوران آمريڪي شخصيتن سان عافيا صديقي جي معاملي تي ملاقاتون ٿيون هيون، پر ان باوجود ڪا جوڳي اڳڀرائي ناهي ٿي.