نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پئرس اولمپڪس مقابلن ۾ ڀارت لاءِ تاريخ رقم ڪندڙ شوٽر منو ڀاڪر ملڪ جي سڀ کان وڏي اعزاز لاءِ نامزدگي کان محروم ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، منو ڀاڪر ” ڌيان چند کيل رتنا ايوارڊ “ لاءِ نامزد نه ٿي سگهي جنهن تي اولمپڪ ميڊلسٽ جي پيءُ ۽ ڪوچ ڀارتي حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.
ان ڏس ۾ منو ڀاڪر جي پيءُ ڪرشن ڀاڪر جو چوڻ آهي ته اِها سندس جي غلطي آهي جو هن ڌيءَ کي راندين لاءِ اتساهيو، ملڪ جي سمورن والدين کي درخواست آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي راندين کان پري رکن.
هن چيو ته جيڪڏهن والدين کي پئسو کپي ته ٻارن کي ڪرڪيٽر بڻائين ۽ طاقت گهرجي ته ايڊمنسٽريشن يا پوليس آفيسر بڻائين.
ٻئي پاسي منو ڀاڪر جي ڪوچ جسپال راڻا جو چوڻ آهي ته منو ڀاڪر کي پاڻمرادو نامزد ڪرڻ گهرجي ها، کيس ڪئين نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟
هن چيو ته راندين واري وزارت، اسپورٽس اٿارٽي ۽ رائفل ايسوسيئيشن ذميوار آهي، اهڙي تذليل سان رانديگر مايوس ٿيندا .
ان حوالي سان منو ڀاڪر جو چوڻ آهي ته سندس ڪم کيڏڻ ۽ ملڪ لاءِ پرفارم ڪرڻ آهي، ايوارڊ هن کي متحرڪ ڪندا آهن پر اهي سندس گول نه آهن، هن جي طرفان شايد ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ۽ نامزدگيءَ لاءِ اپلاءِ ناهي ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته هوءَ ايوارڊ کانسواءِ به سرگرم رهندي ۽ ملڪ لاءِ وڌيڪ ميڊل کٽيندي.
هوڏانهن پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مختلف حلقن طرفان تنقيد کانپوءِ منو ڀاڪر جو نالو فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي حڪومتي ذريعن موجب، ملڪ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ لاءِ فهرست کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي، جڏهن ته ڀارتي هاڪي ٽيم جي ڪپتان هرمن پريت سنگهه ۽ پيرا جمپ اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ پراوين ڪمار کي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته منو ڀاڪر اڪيلي ڀارتي ايٿليٽ آهي جنهن پئرس اولمپڪس ۾ ٻه برانز ميڊلز کٽيا هئا.
You might also like